ٽکڙائي حاجي عبدالستار جان

ٽکڙائي، حاجي عبدالستار جان: ”پير“ حضرت خواجه محمد حسن جانرحه سرهنديءَ جو ٻيو نمبر فرزند، آقا حاجي عبدالستار جان ”پير“ 1311هه/ 1893ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان رحه جو پنهنجي هن پوٽي سان ڏاڍو قرب هوندو هو. کيس سڄو ڏينهن پنهنجي دوشِ تي سواري ڪرائيندا هئا. خوش طبعيءَ جي نموني ۾ پڇندا هئس ته ”تو چنين و چنان هستي“ ته پاڻ يڪدم طوطلي زبان ۾ چوندو هو ته ”تو چنين و چنان هستي.“ پير صاحب جي ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾ علامه حافظ محمد يوسف وٽ ۽ باقي ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. ننڍپڻ کان ئي ذهين، ذڪي ۽ تيز فهم هو. فضائل ۾ هن وقت سنڌ جي عالمن ۾ امتيازي حيثيت حاصل اٿس. کيس سير و سياحت جو ڏاڍو شوق آهي. ۽ انهيءَ اشتياق کيس اسلامي ملڪن جو ڪافي سير ڪرايو آهي. ٻين ملڪن ۾ جيڪي رسمون ۽ رواج ڏٺا اٿس ۽ عجيب و غريب ڳالهين جا مشاهدا ڪيا اٿس، تن منجھس جهان بينيءَ وارا جوهر پيدا ڪيا آهن. سندس گفتگو نهايت شائسته ۽ فرحت ڏيندڙ آهي. سندس محفلن مان اٿڻ تي ڪڏهن به دل نه چوندي. خوش طبعي جو پاڪيزه رنگ اٿس. اهو ئي سبب آهي جو لاڙ جي پٽ جو مشهور ظريف ڪدو مڱڻهار سندس خاص نوازيل ماڻهو آهي ۽ ساڻس گڏ سير و سياحت به ڪئي اٿس. پير صاحب کي نين نين ٻولين سکڻ جو ڏاڍو شوق آهي. هيئنر پاڻ سنڌي کان سواءِ اردو پارسي، عربي ۽ پشتو زبانون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. انگريزي سکڻ جو ڪجهه وقت کان شوق جاڳيو اٿس. هينئر انگريزيءَ جا خط ٿوري ڪوشش سان پڙهي سگھي ٿو. مسلمانانِ عالم سان عموماً ۽ حرمين جي رهاڪن سان خصوصاً گھڻي محبت اٿس. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڏهه ٻارهن سال اڳ عربستان ۾ ڏڪار پيو هو، تڏهن پير صاحب ڪوشش ڪري، هتان سنڌ مان، هزارين مڻ اناج ۽ هزارين روپيا چندو گڏ ڪري، عربستان پهچي، اتي جي ساڪنين ۾ تقسيم ڪيو. شاعريءَ سان ننڍپڻ کان وٺي ئي دلچسپي اٿس. سندس ئي اشتياق ڪري، ٽنڊي سائينداد ۾ هڪ ”انجمنِ شعراءِ“ برپا ٿي، جتي هفتي هفتي ۾ مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. پير صاحب جو ڪلام تخيل سان ڀرپور ۽ نهايت روان آهي. محمد حافظ شاهه مرحوم وانگي پنهنجي ڪلام ۾ محبوب کي ڪڏهن به چنگيز، ڪاف ظالم وغيره نه سڏيو اٿس. بلڪه جن شاعرن محبوب جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي، انهن تي به اعتراض اٿاريو اٿس. افسوس آهي جو ٽنڊي سائينداد جي خشڪ ماحول جي اثر ۽ زماني جي مصروفيتن جي ڪري گھڻن سالن کان سندس طبيعت شاعريءَ ڏانهن راغب ئي نه ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس بياض بلڪل ضعيف حالت کي پهچي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.00.00  عيسوي

آقا حاجي عبدالستار جان ” پير “ 1311هه/ 1893ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد وريل سومرو
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
خير محمد لغاري
شهاب الدين جيلاني قادري
ڄامڙو مريد علي ( راڳي)
امو کٽي
بختاور پليجو
خواجه محمد سعيد
بخش علي خاصخيلي
خميني آيت الله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون